سر اليگزينڊر فليمنگ

سر اليگزينڊر فليمنگ

سر اليگزينڊر فليمنگ

سر اليگزينڊر فليمنگ: زندگي بچائيندڙ دوا پينسلين جي دريافت ڪندڙ، نوبل انعام يافته نامور برطانوي بيڪٽريالوجسٽ اليگزينڊر فليمنگ 1881ع ڌاري اسڪاٽ لينڊ ۾ Darrel علائقي جي ويجھو پيدا ٿيو. هن جي شهرت جو سبب هي آهي ته، هن پينسلين جي دريافت آهي. هن لنڊن يونيورسٽي جي سينٽ ميري هاسپيٽل ميڊيڪل اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي. تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ساڳئي اسڪول ۾ بيڪٽريالاجيءَ جي پروفيسر طور ڪئي. 1928ع کان 1948ع تائين بيڪٽريا جو پروفيسر رهيو. هن بيڪٽريالوجي، ڪيموٿراپي ۽ مدافعتي نظام تي تمام گھڻي تحقيق ڪئي. هن 1922ع ۾ ڳوڙهن، جسماني رطوبتن، البومن ۽ مخصوص ٻوٽن ۾ موجود هڪ اينٽي سيپٽڪ لائسوزائمي دريافت ڪيو ۽ 1928ع ۾ انفلوئنزا تي تحقيق ڪري پينسلين دريافت ڪئي.
فليمنگ کي تحقيق ۽ خدمتن عيوض 1944ع ۾ ’نائٽ‘ جو خطاب مليو ۽ 1945ع ۾ هن کي آسٽريلوي سائنسدان هاورڊ واٽر فلاري ۽ جرمن برطانوي پيٿالاجسٽ ارنسٽ بورس سان گڏيل طور فزيالاجيءَ جو نوبل انعام ڏنو ويو.
سر اليگزينڊر فليمنگ 1955ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو